پير جو ڳوٺ

پير جو ڳوٺ: پير جو ڳوٺ خيرپور شهر کان اولهه طرف اٽڪل ٻارهن ميلن جي مفاصلي تي پير صاحبن پاڳارن جو ڳوٺ آهي. هتي حضرت روضي ڌڻي راشد سائينءَ جو مقبرو آهي. جتي 27 رجب ۽ عيدن جي موقعي تي پير صاحب پاڳاري جي مريدن جا وڏا اجتماع ٿيندا آهن. موجوده پير صاحب پاڳاري سيد سڪندر علي شاهه جي رهائش پير ڳوٺ ۾ آهي ۽ پاڻ هر سال مٿين اهم موقعن تي مريدن کي خانداني تاج ويس پائي ديدار ڪرائيندو آهي ۽ کين مذهبي، اخلاقي ۽ سماجي مسئلن بابت هدايتون ڏيندو آهي. هي شهر واپار جو وڏو مرڪز آهي. هتي ’جامعه راشديه‘ نالي هڪ وڏي لائبريري آهي، جنهن ۾ پير صاحب نه رڳو پنهنجا اڪثر ڪتاب رکيا آهن، پر هر سال وڏي تعداد ۾ نوان ڪتاب خريد ڪرائي، هن لائبريري ۾ رکائيندو آهي ۽ لائبريريءَ جو سڄو خرچ پاڻ ڀريندو آهي.


لفظ پير جو ڳوٺھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو